ڪينيڊا ۾ آزاد خالصتان تحريڪ جو هڪ ٻيو سک اڳواڻ قتل

ٽورنٽو: ڀارت کان ڌار ملڪ جو مطالبو ڪندڙ هڪ ٻئي سک اڳواڻ سکهه دول سنگهه(سکهادونيڪي) کي ڪينيڊا ۾ قتل ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب سکهدول سنگهه ڀارت ۾ سڀني کان وڌيڪ گهربل ماڻهن جي فهرست ۾ شامل هو. ڀارتي ايجنسي اين آءِ اي  طرفان سندس گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ويا هئا.

ميڊيا رپورٽن موجب سکهدول سنگهه جو تعلق ڀارتي پنجاب سان هو جيڪو خالصتان تحريڪ جو حامي هو، سکهدول سنگهه 2017 کان ڪينيڊا ۾ ترسيل هو. جنهن کي نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب سکهه دول سنگهه ڀارت کي گهربل خالصه اڳواڻن جي فهرست ۾ شامل هو جيڪو ڀارتي پنجاب جي پوليس آفيسرن جي ملي ڀڳت سان ڪينيڊا فرار ٿي ويو هو. قتل ٿي ويل سکهه دول سک اڳواڻ ارشديپ سنگهه(ارشادالا) جو ويجهو ساٿي هو.

اهو واقعو اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن ڪينيڊا ۾ هڪ سک اڳواڻ هرديپ سنگهه نجر جي قتل تي ڀارت ۽ ڪينيڊا وچ ۾ سفارتي ڇڪتاڻ جاري آهي.