پاڪستان سُپر ليگ بابت بُري خبر اچي وئي

ڪرڪيٽ پرستار هر سال شدت سان پاڪستان سُپر ليگ جي ميچن جو انتظار ڪندا آهن، ڇو ته هي  هڪ اهڙو ايونٽ آهي جتي مُلڪي توڻي پرڏيهي ڪرڪيٽرن جي ٽيلينٽ کي پنهنجي صلاحيتن جا جوهر ڏيکارڻ جو موقعو ملندو آهي، پر پاڪستان سُپر ليگ جي چاهيندڙن لاءِ بُري خبر اِها آهي ته پي ايس ايل جي نائين ايڊيشن جي متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي.

مُلڪ ۾ عام چونڊن سبب ايندڙ سال پاڪستان سُپر ليگ جي متاثر ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ۽ ان ڏس ۾ ميچز جي تاريخن ۽ وينيوز بابت پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، اختيارين ۽ فرنچائزز جو اهم اجلاس 25 سپٽيمبر سڏائي ورتو آهي.

ذريعن موجب پي سي بي جي نئين مئنيجمينٽ ڪميٽي تحت پي ايس ايل گورننگ ڪائونسل جو پهريون اجلاس سپٽيمبر جي آخر ۾ شيڊيول آهي، جنهن ۾ پاڪستان سُپر ليگ جي نائين ايڊيشن جون ميچن ۽ تاريخن بابت حتمي فيصلو ڪيو ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ سال جي شروعات ۾ مُلڪ ۾ عام چونڊن جو امڪان آهي جنهن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان سُپر ليگ جون ميچون گڏيل عرب رياستن ڪرائڻ جي آپشن تي غور ڪيو ويندو.

ٻئي پاسي گهڻي قدر ٽيمن جا مالڪ مُلڪ کان ٻاهر هئڻ سبب اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪندا، پي ايس ايل فرنچائزز مالڪن جي خواهش آهي ته جلد کان جلد ميچن جو شيڊيول فائنل ڪري ميچن جي تاريخن جو اعلان ڪيو وڃي.