پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ آصفه جي شهيد صحافي جان محمد مهر جي وارثن سان تعزيت

سکر: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ بي بي آصفه ڀٽو زرداري محله لوڪل بورڊ ۾ شهيد صحافي جان محمد مهر جي گهر پهچي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري ۽ بي بي آصفه ڀٽو زرداري صحافي جان محمد مهر جي ڀاءُ ڪرم الله مهر، ڀاءُ شاهزيب مهر ۽ شڪيل احمد مهر سان تعزيت ڪئي.

ان موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ بي بي آصفه ڀٽو زرداري سکر پريس ڪلب جي صدر چوڌري ارشاد، سکر يونين آف جرنلسٽس جي صدر امداد بوزدار، انس گھانگهرو، سرڪش صدايو ۽ ڪي ٽي اين جي ٻين عملدارن سان تعزيت جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي بلاول ڀٽو ۽ بي بي آصفه ڀٽو صحافي جان محمد مهر جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ آصفه ڀٽو مطالبو ڪيو ته صحافي جان محمد مهر جي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي.