نگران وزيراعظم جي هدايتن کان پوءِ ايف سي بلوچستان مان کنڊ جي اسمگلنگ ناڪام بنائي ڇڏي

اسلام آباد: اختيارين طرفان نگران وزيراعظم جي هدايتن کان پوءِ کنڊ اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي.

سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو ته ايف سي بلوچستان نارٿ طرفان گذريل رات کنڊ اسمگلنگ جي خلاف ڪامياب آپريشن ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته اهو ڪريڪ ڊائون نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي هدايتن تي ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ايف سي بلوچستان نارٿ کنڊ افغانستان طرف اسمگلنگ ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بنائي ڇڏي.

ياد رهي ته حڪومت کنڊ جي قيمتن ۾ واڌ تي ڪاروائي جو فيصلو ڪيو  هو. خوراڪ کاتي جي ذريعن موجب سمورين شوگرملن جي گيٽ تي ايف بي آر ٽيمون مقرر ڪري ڇڏيون آهن.  جڏهن ته گهرو وزارت طرفان اسمگلرن جي خلاف ڪارروايون به شروع ڪيون ويون آهن.

ذريعن ٻڌايو آهي ته افغانستان ۽ ايران جي سرحدن تي به چيڪنگ وڌائي وئي آهي، سرحدن تي اسمگلرن جي چرپر روڪڻ لاءِ ڳجهن ادارن کان مدد ورتي پئي وڃي.