سون جي قيمت ۾ هڪ ئي ڌڪ ۾ وڏي واڌ

ڪراچي:ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ واڌ جو سلسلو جاري رهيو.
ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ۾ 2900 رپين جي وڏي واڌ ٿي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت 2 لک 36 هزار 400 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 2486 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 2 هزار 675 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 21 ڊالر واڌ سان 1938 ڊالر في اونس آهي.