فاطمه ڦرڙو جو قتل ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت منتقل

راڻيپور جي حويلي ۾ تشدد ڪري ماريل ٻارڙي فاطمه جو قتل ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت منتقل، مک جوابدار اسد شاهه ۽ ڊسپينسر امتياز ميراثي جو هڪ ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو ويو آهي

 پوليس رمانڊ پورو ٿيڻ تي جوابدارن کي راڻيپور جي عدالت آڏو پيش ڪيو، فريادي ڌر جي وڪيل چيو ته پوسٽ مارٽم دوران معصوم ٻارڙي فاطمه جي جسم تي جنسي زيادتي ۽ تشدد جا نشان مليا

وڪيل مو جب هي ڪيس انتهائي هاءِ پروفائيل بڻجي چڪو آهي ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڏانهن منتقل ڪيو وڃي

عدالت ڪيس اي ٽي سي منتقل ڪري ڇڏيو، جوابدارن کي وڌيڪ رمانڊ لاءِ سڀاڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي