پراڻين تڪبندين تي ڪرايل چونڊون غير آئيني هونديون: راڻا ثناءُالله

لاهور: مسلم ليگ(ن) پنجاب جي صدر راڻا ثناءُالله چيو آهي ته چونڊون فيبروري ۾ ٿينديون جيڪڏهن پراڻين تڪبندين تي چونڊون ڪرايون ويون ته اهي غير آئيني هونديون.

نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ خيالن جو اظهار ڪندي اڳوڻي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو ته پيپلز پارٽي جو اعتراض اکين تي آهي پر  آدمشماري جڏهن نوٽيفاءِ ٿي وڃي ته تڪ بنديون ان ئي حساب سان ٿينديون آهن. آئيني گهرج آهي ته 2018 کان پوءِ چونڊون نئين آدمشماري جي تحت ٿين، تڪبنديون آئيني گهرج آهي ان کي پورو ڪرڻ کان سواءِ چونڊون نٿيون ٿي سگهن..

هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي کي به ان ڳالهه  جي خبر هجڻ گهرجي ها،  راڻا ثناءُالله چيو ته ڇا اسان اهو سمجهون ته پي پي کي آرٽيڪل 51 ڪلاز فائيو جي خبر نه هئي، آدمشماري کي اتفاق راءِ سان نوٽيفاءِ ڪيو ويو. 6 سالن کان آدمشماري جو معاملو هلي رهيو هو، سي سي آءِ ۾ پيپلز پارٽي موجود هئي، مان ان ڳالهه جو حامي هئس ته چونڊون  90 ڏينهن جي بجاءِ 60 ڏينهن ۾ ٿيڻ گهرجن.