دُنيا جي ڪابه طاقت پاڪستان جو ڪجهه به نٿي بگاڙي سگهي: آرمي چيف جنرل عاصم منير

آرمي چيف چيو آهي ته ڪنهن به ٽولي يا جٿي سان ڳالهيون نه ٿينديون، دهشتگردن وٽ رياست آڏو سِر نِوائي قبول ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه دڳ نه آهي،  دُنيا جي ڪابه طاقت پاڪستان جو ڪجهه به نٿي بِگاڙي سگهي

آرمي چيف جنرل عاصم منير افغان حڪومت کان سوال ڪيو آهي ته افغان مهاجرن کي پاڪستان ۾ هتان جي قانون تحت رهڻو هوندو، ڇا احسان جي بدلي احسان کانسواءِ ٻيو ڪجهه ٿي سگهي ٿو؟

پشاور ۾ تاريخي گرينڊ جرڳي کي خطاب ڪندي آرمي چيو آهي ته جِن دين کي دهشتگردي جي ور چاڙهيو آهي، اُنهن کي جواب ڏيڻو پوندو، جيڪي امن برباد ڪرڻ گهرن ٿا، اُهي اسان منجهان نه آهن، فوج، سيڪيورٽي ادارا ۽ عوام هڪ آهن، اسان الله جي واٽ تي جهاد ڪري رهيا آهيون، ڪاميابي اسان جي ئي ٿيندي

هن چيو ته قبائلي علائقن جي ضم ٿيڻ بابت مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هڪ سيڪريٽريٽ قائم ڪيو ويندو، قبائلي عوام جي معاشي ترقي لاءِ ترقياتي منصوبن ۾ سندن شموليت يقيني بڻائي ويندي