ڪراچي ۾ پيپلزبس سروس جي نئين روٽ جو اعلان

ڪراچي :صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي جي لاءِ پيپلزبس سروس جي نئين روٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته نئون روٽ آر-12 کوکراپار کان صدر 35 ڪلوميٽر تائين هوندو، نئين روٽ آر-12 تي بس سروس اڄ منجهند 3:00 کان باظابطه طور شروع  ڪئي ويندي

شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته بس سعودآباد، ڪالابورڊ، قائدآباد، لانڍي، ڪورنگي، قيوم آباد ۽ ايف ٽي سي سميت ٻين علائقن مان گذرندي

سنڌ حڪومت جي منصوبابندي جي تحت حڪومتي مدي جي خاتمي باوجود نئين بسن جي آمد جو سلسلو جاري آهي

پ پ جي حڪومت سنڌ جو مقصد شهرين کي آسان ۽ آرام ڏيندڙ سفري سهولت ڏيڻ آهي، نئين روٽ سان ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو، هزارين ماڻهن کي فائدو ٿيندو