فوجي عدالتن ۾ شهرين جا ڪيس هلائڻ خلاف درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ جوڙڻ بابت فيصلو محفوظ

سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ شهرين جا ڪيس هلائڻ خلاف درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ جوڙڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو، ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي

 چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ 6 رڪني لارجر بينچ  ڪيس جي ٻڌڻي هلائي، اٽارني جنرل فوجي تحويل ۾ ورتل 102 جوابدارن جي لسٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي

چيف جسٽس عمر عطاءَ بنديال چيو ته ڇا گرفتار ڪيل 102 ڄڻن خلاف فوجي ٺڪاڻن تي حملن جون سڌيون شاهديون موجود آهن؟ ڪو آزاد ادارو هجڻ گهرجي جيڪو جائزو وٺي ته گرفتاريون پڪن ثبوبن تي ڪيون ويون آهن يا نه؟

 اٽارني جنرل چيو ته پڪين شاهدين ۽ سي سي ٽي وي ريڪارڊ موجب گرفتاريون ڪيون ويون آهن، چيف جسٽس عمرعطاءَ بنديال 9 مئي جي واقعن جا اٽارني جنرل کان تفصيل گهري ورتا