پاڪ چين دوستي ۾ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ برداشت نه ڪنداسين: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪ چائنا دوستي هميشه برقرار رهندي ۽ ان ۾ اسان ڪنهن به قسم جي ڪابه رنڊڪ برداشت نه ڪنداسين.

اسلام آباد ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مفاهمتي ياداشتن تي صحيح واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري(سي پيڪ) جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي مان چين جي نائب وزيراعظم پاڪستان پهچڻ تي ٿورائتو آهيان

.هن چيو ته 10 سال اڳ سي پيڪ منصوبن تي ڪم جي شروعات ٿي هئي، سي پيڪ جي تحت 25 ارب ڊالرن جي سرمائيڪاري ڪئي وئي. پاڪستان ۽ چين اهڙي معاهدي تي 10 سال اڳ صحيحون ڪيون هيون. ان جي مس سڪڻ کان اڳ ئي ان تي عمل جي شروعات ٿي وئي هئي.

شهباز شريف چيو ته اهڙي معاهدي جي بدولت اسان اڄ چئي سگهون ٿا ته پاڪستان ۾ توانائي وارو شعبو، روڊ، انفراسٽرڪچر، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ بائيڊل پاور سيڪٽر ۾ 25 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي سرمائيڪاري آئي، مون کي ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اسان هاڻ سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيا آهيون. اڄ اسان ڪجهه اهم ڪاغذن تي صحيحون ڪيون آهن جيڪي ٻنهي ملڪ وچ ۾ اقتصادي تعاون ۾ وڌيڪ اضافي جو سبب بڻجندا.

وزيراظم چيو ته اسان سي پيڪ جو ٻيون مرحلو نئين ماڊل جي تحت اڳيان وڌائينداسين. اهو واپار ٽو واپار، سرمائيڪاري، زراعت ۽ آءِ ٽي تي ڌيان هوندو. چين جي تعاون سان پاڪستان پنهنجي مصنوعات چيني حڪومت جي معيار ۽ ضرورت مطابق برآمد ڪري سگهي. شهباز شريف چيو ته مان چين جي نائب وزيراعظم کي بطور خصوصي سفير پاڪستان اماڻڻ تي شي جن پنگ جو ٿورائتو آهيان ان سان دنيا ۾ اهو پيغام ويندو ته چين ۽ پاڪستان هڪ اهڙي تعلق سان جڙيل آهن جيڪو دنيا کان منفرد آهي.