يقين آهي ملڪي معيشت تمام جلد بهتر ٿي ويندي: اسحاق ڊار

اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان جا معاشي اشارا بهتري طرف گامزن آهن. يقين آهي ته پاڪستان جي معيشت تمام جلد بهتر ٿي ويندي.

اسلام آباد ۾ بينڪ آف چائنا سلام آباد برانچ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۾ اسحاق ڊار چيو ته نوازشريف چيني قيادت سان ملي سي پيڪ منصوبو شروع ڪيو هو. بينڪ آف چائنا ۽ پاڪستان وچ ۾ هلندڙ  تعاون ۾ وڌيڪ اضاف ٿيندو.

هن چيو ته پاڪستان جا معاشري اشارا بهتري طرف گامزن آهن مون کي يقين آهي ته پاڪستان جي معيشت تمام جلد بهتر ٿي ويندي.