پشاور: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مشڪل معاشي حالتن سبب آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو. اسان آءِ ايم ايف پروگرام خوشي سان نه مجبوري تحت قبول ڪيو.
فاٽا يونيورسٽي جي فيز ون جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ضرور پنهنجن پيرن تي بيهندو، خوشحالي ايندي، زراعت پاڪستان جي معيشت کي تبديل ڪري ڇڏيندي. جيڪڏهن اسان کي معيشت ۾ سڌارو آڻڻو آهي ته ان لاءِ اسان کي پنهنجي پيرن تي بيهڻو پوندو
شهباز شريف چيو ته اڄ اسان کي سعودي عرب کان 2 ارب ڊالر مليا آهن. سعودي بادشاهه محمد بن سلمان جو ٿورو ادا ڪريان ٿو. سعودي مشڪل وقت ۾ هميشه پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. ان سان گڏ آرمي چيف عاصم منير ۽ اسحاق ڊار جو به ٿورائتو آهيان.
وزيراعظم چيوته قوم جو مستقبل سنوارڻ جو وقت اچي چڪو آهي. زراعت، آءِ ٽي ۽ معدنيات لاءِ گڏيل منصوبو ٺاهيو آهي. اڄ اسان جو پاڙيسري ملڪ اسان کان اڳتي نڪري ويو آهي. ان ۾ ڏوهه اسان جو آهي. اسان کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته هٿ مٿي رکڻو آهي يا ڪشڪول کڻي ڦرڻو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته هڪ وقت اهڙو به هو جو اسان جي ڪپهه جي ايڪسپورٽ ڀارت کان وڌيڪ هئي. اسان کي ماضي مان سبق سکڻو آهي. روڄ پٽڪي سان ڪڏهن به ملڪ خوشحال نه ٿيندا آهن. ملڪ محنت جي آڌار تي خوشحال ٿيندا آهن. اسان کي زراعت ۽ ملڪي صنعتن ۾ انقلاب آڻڻو آهي. يقين آهي ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پاڪستان خطي ۽ دنيا ۾ ترقي ڪندڙ عظيم ملڪ بڻجي ويندو.
شهباز شريف چيو ته ليپ ٽاپ ورهائڻ جو سلسلو نوازشريف جي دور ۾ شروع ڪيو هو. اسان آئنده به 1 لک ليپ ٽاپ ورهائينداسين. هڪ به ليپ ٽاپ سفارش تي نه ڏنو ويندو. صرف ۽ صرف ميرٽ تي ليپ ٽاپ ورهايا ويندا. ٻيهر موقعو مليو ته آبادي جي حوالي سان هر صوبي ۾ ليپ ٽاپ ورهايا ويندا.