اسلام آباد ۾ قلم 144 لاڳو، جلسن ۽ جلوسن تي پابندي

اسلام آباد: وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جي انتظاميه شهر ۾ قلم 144 لاڳو ڪندي جلسن ۽ جلوسن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

اسلام آباد جي ڊپٽي ڪمشنر طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب قلم144 جي تحت اسلام آباد ۾ ڪنهن به قسم جي جلسن ۽ جلوسن تي مڪمل طور تي پابندي هوندي.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته معاشري جا ڪجهه طبقات اسلام آباد جي حدن ۾ مجلسن ۽ جلوسن سميت غيرقانوني مجلسون منعقد ڪرڻ جا منصوبا ٺاهي رهيا آهن.  امن امان ۽ سيڪيورٽي کي آڏو رکندي اهڙي قسم جي غيرقانوني سرگرمين تي ڪنٽرول ڪرڻ ضروري آهي.

نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اهڙن خدشن کي آڏو  رکندي اسلام آباد ۾ پنج يا پنج کان وڌيڪ ماڻهن جي جمع ٿيڻ تي مڪمل طور تي پابندي هوندي. انتطاميه موجب جاري ڪيل نوٽيفڪيشن 2 مهينن تائين لاڳو رهندو ۽ ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف قلم 144 جي تحت ڪارروائي ڪئي ويندي.

Section 144 imposed in Islamabad