پاڪستان تمام جلد پنهنجن پيرن تي بيهي ڏيکاريندو: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان تمام جلد پنهنجن پيرن تي بيهي ڏيکاريندو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ هلندڙ سال وڌيڪ بهتري آندي وئي آهي، عوامي فلاحي منصوبي جو خواب محترما بينظير ڀٽو ڏٺو هو، آصف علي زرداري ۽ سندس ٽيم ان خواب کي عملي روپ ڏنو

 وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته شازيا مري ۽ سندس ٽيم کي پروگرام ۾ بهتري آڻڻ تي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو

هن چيو ته بي آءِ ايس پي تحت متاثرن کي ملندڙ رقم تعليم کي هٿي ڏيڻ تي به خرچ ٿيڻ گهرجي، گذريل سال 3ڪروڙ 30 لک ماڻهو ٻوڏ سبب متاثر ٿيا، اميد آهي ته جلد پاڪستان پنهنجي پيرن تي بيهندو

 بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن ۽ وفاقي وزير شازيا مري چيو ته بي آءِ ايس پي پروگرام ۾ پهريون ڀيرو خواجه سرائن کي به شامل ڪيو پيو وڃي، پرگرام تحت هاڻي تعليمي وظيفو ڏيڻ جو سلسلو به شروع ڪيو آهي، بي سهارا عورتن کي بااختيار بڻائڻ شهيد بينظير ڀٽو جو خواب هو