واٽس ايپ 65 لک اڪائونٽن تي پابندي مڙهي ڇڏي

ڪيليفورنيا: ميٽا جي ملڪيت جڳ مشهور ميسجنگ ايپ واٽس ايپ ڀارت ۾ 65 لک واٽس ايپ اڪائونٽن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.
واٽس ايپ ايڊوانس آءِ ٽي 2021ع تحت ڀارت ۾ 65 لک اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيا آهن، اِها پابندي واٽس ايپ کي ڀارتي واهپيدارن طرفان ملندڙ شڪايتن بعد لڳائي وئي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، ڄاڻايل اڪائونٽن مان 24 لک اڪائونٽن کي صارفين طرفان شڪايت ملڻ کانسواءِ ئي بند ڪيو ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، مئي ۾ واٽس ايپ کي ڀارتي صارفين طرفان اڪائونٽ بند ڪرڻ سميت ٽي 3912 شڪايتون مليون هيون جن مان 297 تي ڪارروائي ڪئي وئي.
ياد رهي ته ڀارت ۾ واٽس صارفين جو انگ 50 ڪروڙ کان مٿي آهي، ان لحاظ کان واٽس ايپ ڀارت ۾ هڪ مقبول ترين ميسجنگ/ڪالنگ ايپ آهي.
ڀارتي حڪومت طرفان سوشل ميڊيا صارفين جا خدشا ختم ڪرڻ جي هڪ شڪايتي (جي اي سي) ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.
ڪميٽي جو مقصد سوشل ميڊيا صارفين جي انٽرنيٽ تي شيئر ڪيل مواد ۽ ان سان لاڳاپيل مسئلن کي حل ڪرڻ آهي، انتظاميا طرفان ان حوالي سان ماهوار رپورٽ پڻ شايع ڪئي ويندي آهي.
ياد رهي ته واٽس ايپ طرفان ڀارت ۾ هڪ مهيني دوران لکين اڪائونٽن تي پابندي جو ڪائي نئين ڳالهه نه آهي ان کان اڳ اپريل ۾ به واٽس ايپ ڀارت ۾ 74 لک اڪائونٽ بند ڪيا هئا.