واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڄ فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير جي مان ۾ وائٽ هائوس ۾ خصوصي مانجهاندو ڏيندو. اهو مانجهاندو آمريڪي وقت موجب ٻنپهرن جو هڪ وڳي ڪيبنيٽ روم ۾ منعقد ڪيو ويندو.
انهي موقعي تي فيلڊ مارشل عاصم منير جي صدر ٽرمپ سان اهم ملاقات جو به امڪان آهي جنهن ۾ ٻطرفه لاڳاپا، خطي جي سيڪيورٽي صورتحال ۽ خاص طور تي ايران اسرائيل تڪرار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.
وائٽ هائوس جي ترجمان موجب اها ملاقات ڪلوزڊ پريس هوندي پر مانجهاندي کان پوءِ فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ آمريڪي صدر جي ميڊيا سان ڳالهين جو پڻ امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته انهي مانجهاندي ۾ آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس ۽ دفاع واري وزير بينڪر سميت اهم شخصيتون شريڪ ٿينديون. انهي کان علاوه فيلڊ مارشل عاصم منير جي آمريڪي پرڏيهي وزير ۽ دفاع واري وزير سان ڌار ڌار ملاقاتون به شيڊول آهن.
اها ملاقات نه صرف پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي حوالي سان اهم آهي پر خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي حوالي سان اهميت جوڳو آهي، اهو دورو پاڪستان دشمن عناصر جي لاءِ هڪ واضح پيغام آهي ته پاڪستان عالمي سطح تي اهم سفارتي سرگرمين جو حصو بڻجي رهيو آهي.