وزيراعظم شهباز شريف ۽ آءِ ايم ايف جي ايم ڊي وچ ۾ ملاقات، فنڊ جاري ڪرڻ تي ڳالهيون

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ۽ آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر وچ ۾ ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ فنڊ جاري ڪرڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون.

وزيراعظم شهباز شريف ۽ آءِ ايم ايف جي ايم ڊي وچ ۾ ملاقات فرانس ۾ مالياتي ڪانفرنس دوران سائيڊ لائين تي ٿي جنهن ۾ پاڪستان جي لاءِ جاري آءِ ايم ايف پروگرام تي ڳالهيون ڪيون ويون جڏهن ته ان دوران پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ تعاون تي پڻ ڳالهيون ڪيون ويون.

وزيراعظم عالمي مالياتي اداري جي ايم ڊي سان ملاقات ۾ ان کان 27 مئي تي ٿيندڙ ٽيليفون رابطي جو به ذڪر ڪيو. جڏهن ته شهباز شريف معاشي استحڪام ۾ بهتري جي لاءِ کنيل قدمن کان به آگاهه ڪيو.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان سمجهون ٿا ته نائين جائزي جي لاءِ اڳواٽ قدم کڻي ورتا آهن. پاڪستان آءِ ايم ايف سان معاهدي کي پورو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي اميد آهي ته پاڪستان جي لاءِ مختلف فنڊز جلد جاري ڪيا ويندا. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف معاهدي جي پوري ٿيڻ سان معاشي استحڪام ۾ مدد ملندي.

Meeting between Prime Minister Shehbaz Sharif and MD of IMF