يوگنڊا ۾ اسڪول تي حملو، ٻارن سوڌو 40 ڄڻا مارجي ويا

يوگنڊا: يوگنڊا ۾ سرحد ويجهو قائم اسڪول تي دهشتگردن جي حملي ۾ ٻارن سوڌو 40 ڄڻا مارجي ويا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب پوليس ٻڌايو آهي ته يوگنڊا ۾ ڊيموڪريٽگ ري پبلڪ آف ڪانگو جي سرحد ويجهو قائم اسڪول تي دهشتگردن حملو ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ 40 ڄڻا مارجڻ جي تصديق ٿي آهي جن مان گھڻائي ٻارن جي آهي جڏهن ته ڇوڪرين جي اغوا ٿيڻ جو به خدشو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب يوگنڊا جي هڪ گروهه الائيڊ ڊيموڪريڪ فورس جي ميمبرن چيو آهي ته اسڪول تي حملي ۾ داعش ملوث هجڻ جو خدشو آهي جڏهن ته حملو ڪندڙن عمارت کي باهه ڏئي ڇڏي ۽ کاڌي پيتي جو سامان لٽي ورتو.
باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ ڪيئي شاگرد سڙي ۽ ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويا. جن شاگردن جو موت ٿيو اسڪول ۾ ئي رهندا هئا.
پوليس موجب جنهن اسڪول تي حملو ڪيو ويو اهو نجي اسڪول آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته حملي کان پوءِ اسڪول جي اندران 15 لاش ڪڍيا ويا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته اسڪول نان ڪڍيل ٻين 8 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
پوليس موجب هيل تائين اهو واضح ناهي ٿي سگھيو ته حملي ۾ مارجي ويلن ۾ ڪيترا شاگرد شامل آهن ۽ سندن عمر ڇا آهي. ڪجهه لاش ايترا سڙي ويا آهن جو انهن جي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي جي جزن جي جاچ ڪئي پئي وڃي.
يوگنڊا جي بچاءَ واري وزارت جي ترجمان جو چوڻ هو ته مغوين کي بازياب ڪرائڻ لاءِ فورسز طرفان حملو ڪندڙن جو پيڇو ڪيو پيو وڃي.

Attack on school in Uganda