پئسا وٺي مقررين جو الزام: عثمان بزدار، فرح گوگي ۽ بشريٰ بي بي جي پٽ خلاف ڪيس داخل

لاهور:  پنجاب ۾ مبينه طور تي رشوت وٺي مقرريون ۽ بدليون ڪرڻ جي الزام هيٺ بشريٰ بي بي جي پٽ ابراهيم مانيڪا ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بزدار سميت 9 ڄڻن خلاف اينٽي ڪرپشن ڪيس داخل ڪري ورتو.

اينٽي ڪرپشن جي اختيارين موجب مختلف کاتن ۾ اعليٰ عهدن تي مقررين ۽ بدلين جي لاءِ ڪروڙين روپيه وصول ڪيا ويا اها رقم فرح شهزادي عرف فرح گوگي وصول ڪري مختلف بينڪن ۾ جمع ڪرائي.

ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن پنهنجي عهدي جو ناجائز استعمال ڪندي پرڪشش عهدن تي ٽرانسفر پوسٽنگون ڪيون ۽ هينئر تائين جي ڪيل ڪارروائي دوران 45 ڪروڙ روپين جي رقم وصول ڪئي وئي.

ڪيس ۾ عثمان بزدار، فرح گوگي، سينئر بيورو ڪريٽ طاهر خورشيد، احمد عزيز تارڙ، صالحه سعيد، عثمان معظم، سهيل خواجه ۽ بشريٰ بي بي جي پٽ ابراهيم مانيڪا کي نامزد ڪيو ويو آهي. جن جي جلد گرفتارين جو امڪان آهي.

A case has been filed against Usman Buzdar