سنڌي فلمن جي بانيڪار فلمساز حسين شاهه فاضلاڻيءَ جي پوٽيءَ کي بااثر تنگ ڪرڻ لڳا

اوڏيرو لال: سنڌي فلمن جي بانيڪار فلمساز حسين علي شاهه فاضلاڻيءَ جي پوٽيءَ بااثرن جي رويي کان تنگ ٿي احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي

سيده سحر گل فاضلاڻي چيو آهي ته حاجاڻا ۽ شاهه برادريءَ جي بااثر ماڻهن اسان جي حويليءَ جي زمين تي قبضو ڪري ورتو آهي، آواز اٿارڻ تي منهنجي ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي

هن دانهيو ته حويليءَ مان لکين روپين جو سامان چوري ڪيو ويو آهي، دانهون ڪرڻ تي موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن

حسين شاهه فاضلاڻي سنڌ ۽ پاڪستان جي پهرين فلم عمر ماروي ٺاهي هئي، حسين شاهه فاضلاڻي فلم ۾ سنڌ جي حڪمران عمر جو ڪردار ادا ڪيو هو

Influential people started harassing the granddaughter of filmmaker Hussain Shah Fazlani