سنڌ ۾ پرتشدد واقعا: ڀڃ ڊاهه، گهيراءُ ۽ باهين جي الزام ۾ گرفتار ٿيل هڪ مهيني لاءِ نظربند

ڪراچي: سنڌ جي گهرو وزارت صوبي ۾ تازن پرتشدد واقعن، ڀڃ ڊاهه ۽ باهين جي الزام ۾ گرفتار ماڻهن کي 3 ايم پي او جي تحت هڪ مهيني لاءِ نظر بند ڪري ڇڏيو آهي.

تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گرفتاري کان پوءِ احتجاج ۽ پرتشدد واقعن کان پوءِ سنڌ جي گهرو وزارت  صوبي ۾ تازن باهين ۽ گهيراءُ جي الزام ۾ گرفتار ماڻهن کي ٿري ايم پي او جي تحت هڪ مهيني جي لاءِ نظر بند رکڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي ۾ باهيون، گهيراءُ جي الزام ۾ گرفتار پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي لاڙڪاڻو، سکر ۽ جيڪب آباد سميت ٻين جيلن ۾ رکيو ويندو جڏهن ته ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران گرفتار ماڻهن جو انگ 400 کان وڌي ويو آهي.

Violent incidents in Sindh: Arrested on charges of vandalism