آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ مسلسل گهٽتائي

ڪراچي: ملڪ ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جو اگهه گهٽيو آهي.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان انگ اکر جاري ڪندي ٻڌايو آهي ته مسلسل ٻئي ڏينهن به رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ 6 پئسن جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.
انگن اکرن موجب انٽر بئنڪ ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي قيمت 283 رپيا 88 پئسا مان گهٽ ٿي 283 رپيا 82 پئسا تي وئي آهي.