پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊون ٿيڻ ممڪن ناهن: اليڪشن ڪميشن جو واضح  جواب

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ کي واضح جواب ڏئي ڇڏيو آهي ته 14 مئي تي پنجاب ۾ اليڪشن ڪرائڻ ناممڪن آهي

اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ 3 رپورٽون جمع ڪرائي ڇڏيون آهن، جڏهن ته اعليٰ عدليه به ان معاملي تي وڌيڪ ٻڌڻي لاءِ ڪا تاريخ مقرر نه ڪئي آهي

اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل پنهنجن رپورٽن ۾ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ پاران مقرر ڪيل تاريخ تي گهربل انتظام مڪمل ڪرڻ ڪنهن به صورت ممڪن ناهن

اليڪشن ڪميشن موجب انتظام مڪمل نه هجڻ ڪري 14 مئي تي پنجاب ۾ چونڊون نٿيون ڪرائي سگهجن، اليڪشن ملتوي ڪرڻ يا نئين تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو

 واضح رهي ته سپريم ڪورٽ وڌيڪ ٻڌڻي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي طلب ناهي ڪيو، چيف جسٽس عمرعطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ گذريل مهيني 4 اپريل تي پنجاب اسيمبلي لاءِ 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو هو