ڳالهين ۾ هڪ شرط رکنداسين ته 14 مئي کان اڳ اسيمبليون ختم ڪيو: عمران خان

لاهور: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ڳالهين ۾ اسان کي هڪ ئي شرط رکڻو آهي ته 14 مئي کان اڳ اسيمبليون ختم ڪيو، اسان هڪ ئي وقت چونڊن لاءِ تيار آهيون.
لاهور ۾ ريلي سان گاڏي اندران خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اسان تي ڏوهاري مڙهيا ويا، اهي چونڊن کان ڀڄي رهيا آهن، انهن جو رڳو هڪ ئي مقصد مون کي هٽائڻ آهي.
سندس موجب سپريم ڪورٽ واضح طور چيو ته 14 مئي تي پنجاب جون چونڊون ٿينديون، سپريم ڪورٽ ڳالهين جو چيو، جيڪڏهن اهي متفق ٿي وڃن ٿا ته رڳو پنجاب نه سڄي ملڪ ۾ چونڊون ٿينديون.
هن چيو ته سڀاڻي ڳالهين ۾ اسان کي هڪ ئي شرط رکڻو آهي ته 14 مئي کان اڳ اسيمبليون ختم ڪيو، اسان هڪ ئي وقت چونڊن لاءِ تيار آهيون، اهي ڪنهن غلط فهمي ۾ نه رهن، 14 مئي کان اڳ اسيمبليون ختم نه ڪيون ويون ته عدالت کي چونداسين ٻن صوبن ۾ چونڊون ڪرايو.
عمران خان چيو آئين ٽوڙيو ويو يا ججن خلاف ڪجهه ٿيو ته پي ٽي آءِ روڊن تي هوندي، تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ ۽ چيف جسٽس سان گڏ بيهندي.
عمران خان جي تقرير کانپوءِ ريلي پڄاڻي تي پهتي ۽ اڳوڻو وزيراعظم زمان پارڪ روانو ٿي ويو.