اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ جي مبينه آڊيو ليڪ سامهون اچي وئي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ جي مبينه آڊيو سوشل ميڊيا تي ليڪ ٿي وئي آهي.

ثاقب نثار جي پٽ ثاقب جي پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي ٽڪيٽ هولڊر سان ڳالهه ٻولهه جي مبينه آڊيو سامهون اچي وئي آهي. آڊيو ۾ نجم ثاقب کي پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ هولڊر ابوذر چڍڙ سان ٽڪيٽن جي ورهاست جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌي سگهجي ٿو.

مبينه آڊيو ۾ ٽڪيٽ هولڊرز 137 ابوذر چڍڙ سان ڪال تي پهرين سلام ڪندو آهي ۽ نجم ثاقب پاران(جي) چوڻ تي ابوذر چوي ٿو ته اوهان جي ڪوششن رنگ لاتو آهي. نجم ثاقب: مون کي انفارميشن ملي وئي آهي. ابوذر چڍڙ: اڇا سر. نجم ثاقب: جي ها، هاڻ اوهان ٻڌايو ڪرڻو ڇا آهي؟ ابو ذر چڍڙ: اڃان ٽڪيٽون ڇپرائي رهيا آهيون، اهي ڇپجي وڃن، ان ۾ دير نه ڪريو، ٽائيم تمام گهٽ آهي، نجم ثاقب: بس  اوهان بابا سان ملڻ اچي وڃو، ٿورو ادا ڪرڻ جي لاءِ ٻيو ڪجهه نه آهي. ابو ذر چڍڙ: جي سر ظاهر آهي، اها ڪهڙي ڳالهه ڪري رهيا آهيو. نجم ثاقب: بابا 11 وڳي تائين آفيس اچي ويندو ان سان ملڻ اچي وڃجو، بس، بابا اوهان جي لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي آهي.

ابوذرچڍڙ: ٺيڪ آهي سر، مان سوچي رهيو آهيان ته پهريان چاچي سان ملڻ اچان يا شام جو ٽڪيٽ جمع ڪرايان. نجم ثاقب: اها اوهان جي مرضي آهي، پر اڄوڪي ڏينهن ۾ ملڻ ضرور اچجو بابا سان.

ابوذر چڍڙ جي ها ضرور مان سڌو ان سان ملڻ ايندس. نجم ثاقب: ٺيڪ آهي. ابوذرچڍڙ: 12 وڳي ٽائيم ختم ٿي ويندو آهي.

نجم ثاقب: ٽڪيٽ ڇپرايون، اوهان پنهنجي تصوير موڪليو ۽ پوءِ انتظام ڪري آفيس اچو.

ابوزر چڍڙ: ٺيڪ آهي سر.

هڪ ٻئي مبينه آڊيو ڪال ۾ نجم ثاقب ۽ ميان عزيز وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه به سامهون آئي آهي جنهن ۾ نجم ثاقب چوي ٿو ته واٽس ايپ ڏسو. ميان عزيز چوي ٿو: ها اها ابوذر اماڻي آهي اوهان وٽ.

نجم ثاقب: يار مان به وڪيل آهيان. ميان عزيز: نه اها ابوزر اماڻي آهي اوهان وٽ ڊائريڪٽ آئي آهي؟ نجم ثاقب: مون وٽ ڊائريڪٽ به اچي سگهي ٿي، ضروري ته نه آهي ته ابوذر ئي اماڻي هر شيءِ.

ميان عزيز: هن جي مٿان کان اچان؟ نجم ثاقب: اچڻو آهي ته اچي وڃو، مون وٽ ته ان اماڻي آهي. ميان عزيز: صحيح آهي. نجم ثاقب: ته پوءِ ڪم ڪنهن ڪرايو آهي؟ ڪنهن ٻئي ته ناهي ڪرايو؟ ميان عزيز: بس صحيح ٿي ويو آهي. نجم ثاقب: ته پوءِ هاڻ ڇا صورتحال آهي. ميان عزيز: ڳالهائي ٿو وٺان. اوڪي. نجم ثاقب: ڇا مطلب ڳالهائي ٿو وٺان، سڀ ڪجهه طئي ٿيل هو. ميان عزيز: فون ڪري ڳالهائي ٿو وٺان ته سامان مون ڏانهن اماڻي ڇڏيو. نجم ثاقب: سامان اماڻيو نه. هڪ ويهه کان گهٽ نه وٺجو. نه ته تنهنجون ٽنگون ڀڃي ڇڏيندس. ميان عزيز: يار تون وري فون تي ڳالهيون ڪري رهيو آهين” نجم ثاقب: يار عزيز منهنجي لاءِ ڪو مسئلو نه آهي. هڪ ويهه کان گهٽ نه وٺجان ان کان. ميان عزيز؛ ٺيڪ آهي. نجم ثاقب: مان ٻڌائي رهيو آهيان، مذاق نه پيو ڪريان، هي وڏي اهم شيءِ آهي. ميان عزيز: ڀائي جان زبان ڪئي آهي، مان اوڪي ڪريان ٿو. نجم ثاقب: ٻئي صورت ۾ مان ڊائريڪٽ ٿي ويندس ۽ تون ڪجهه نه ڪري سگهندي. ميان عزيز: مان چئي ڇڏيان اهو بهتر آهي. نجم ثاقب: هو آفيس اچي رهيو آهي مون وٽ جمع ڪرائڻ توکي اچڻو آهي تون به اچي وڃ. ميان عزيز: اوڪي. ثاقب: ٺيڪ آهي هليو اچ.

  • شيئر