آمريڪي شاگرد کي 125 ڪاليجن طرفان 90 لک ڊالرن جي اسڪالرشپس جي آڇ

واشنگٽن: آمريڪي رياست لوزيانا جي 16 ورهين جي شاگرد ڊينس بارنيس 125 ڪاليجن مان 90 لک ڊالرن کان وڌيڪ جون اسڪالرشپس جي آڇ حاصل ڪري ورتي.
نيواورلينس جي انٽرنيشنل هاءِ اسڪول ۾ فائنل ايئر جي شاگرد ڊينس بارنيس گذريل سال 200 کان وڌيڪ ڪاليجن ۾ اسڪالرشپس لاءِ درخواستون موڪليون هيون.
پرڏيهي ميڊيا موجب شاگرد جون 200 مان 125 درخواستون قبول ٿي ويون آهن ممڪن آهي ته شاگرد طرفان داخلا وٺڻ جو فيصلو ڪرڻ تائين ان انگ ۾ امڪاني واڌ سان نئون ورلڊ رڪارڊ قائم ٿي سگھي ٿو.
ان کان اڳ 2019ع ۾ لوزيانا جي ئي هڪ تاريخي بليڪ زيويئر يونيورسٽي جي شاگرد نارمينڊي ڪارميئر 140 اسڪولن مان 94 لک ڊالرن جون اسڪالرشپس جي آڇ حاصل ڪئي هئي.
مقامي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي 16 ورهين جي شاگرد ڊينس برنيس جو چوڻ هو ته گھڻين اسڪالرشپس لاءِ اپلاءِ ڪرڻ سولو نه هو جيئن ماڻهو سمجهي رهيا آهن، آئون اهو ڪم اسڪول جي تعليمي سال سان گڏ ئي شروع ڪري ڇڏيو هو ۽ ڊگھي عرصي تائين درخواستون موڪليندو رهيس، هاڻ منهنجو هدف 1 ڪروڙ ڊالرن تائين پهچي چڪو آهي.
اسڪول طرفان جاري ڪيل هڪ بيان موجب ڊينس برنيس ڪمپيوٽر سائنس ۽ ڪرمنل جسٽس ۾ ٻٽي ڊگري حاصل ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو ۽ هو ڪهڙي ڪاليج ۾ داخل وٺڻ چاهي ٿو ان جو اعلان ايندڙ مهيني تائين ٿي ويندو.

  • شيئر