موسميات کاتي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

اسلام آباد: موسميات کاتي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي موجب خيبرپختونخواهه، ڪشمير، گلگت بلتستان، اسلام آباد ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ جمعي تائين وڌيڪ برساتون پئجي سگهن ٿيون.

موسميات کاتي  جي رپورٽ ۾ اڄ اربع ڏينهن خيبرپختونخواهه، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ پنجاب ۾ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح مري، گليات، اٽڪ، جهلم، چڪوال، راولپنڊي، گوجرانوالا، گجرات ۾ به برسات جو امڪان آهي. جڏهن ته سيالڪوٽ، نارووال، لاهور، حافظ آباد، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، منڊي بهاءُالدين ۽ فيصل آباد ۾ به برسات پوندي.

خيرپختونخواهه ۾ چترال، دير، سوات، مانسهره، ايبٽ آباد، هريپور، صوابي ۽ مردان ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي. چارسده، مردان، پشاور، ڪوهاٽ، ڪرڪ، لکي مروت ۽ وزيرستان ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. ڊي آءِ خان، بنون، شانگلا، بونير، ڪوهستان ۽ خيبر ۾ به برسات جو امڪان آهي.

ٻئي طرف بلوچستان ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ موسم خشڪ رهڻ جو امڪان آهي. عيدالفطر جمعي تي ٿيڻ جي صورت ۾ موسميات کاتي اسلام آباد، راولپنڊي، مري، جهلم، چترال، دير، پشاور، ايبٽ آباد، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

  • شيئر