سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات، سائن بورڊز۽ ڇپرا اُڏامي ويا

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي سکر ۾ طوفاني هوائن سان برسات دوران سائن بورڊز ۽ ڇپرا اُڏامي ويا

روهڙي، ڪنڌرا، پنو عاقل، ٺارو شاهه، کڏڙو، ڪرمپور ۽ مديجي ۾ تيز هوائن سان برسات پئي آهي، جڏهن ته نوشهروفيروز، ڪنڊيارو، ڀريا سٽي ۽ مورو ۾ تيز هوا سان وسڪارو ٿيو

لاڙڪاڻو، باڊهه، قمبر،  شهدادڪوٽ ۽ ڳيريلو ۾ برسات، دادو، جوهي، ميهڙ، ڪي اين شاهه، فيض گنج ۽ گمبٽ ۾ برسات پئي آهي

ڪوٽڙي ڪبير، ڄام صاحب، نصير آباد، محرابپور ۽ هڱورجا سوڌو ڀرپاسي وسڪارو ٿيو آهي

خيرپور، ٽنڊو مستي، ڪرونڊي، ٽنڊو مير علي، سيوهڻ ۽ ميرو خان ۾ وسڪارو ٿيو، سنڌ جي سياحتي ماڳ گورک هِل اسٽيشن سوڌو ڪاڇي جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات پئي، جڏهن ته  کيرٿر جابلو پٽي تي وسڪاري بعد نئن گاج 5 فُٽ وهي آئي، ڪاڇي جي ڪيترن ئي ڳوٺن جا لنگهه پاڻي هيٺ اچي ويا،برسات بعد موسم خوشگوار ٿي وئي آهي