پاڪستاني ايئرپورٽن تي سيڪيورٽي بهتر بڻائڻ لاءِ برطانيا جو اهم قدم

ڪراچي: پاڪستاني ايئرپورٽ سيڪيورٽي کي بهتر بڻائڻ لاءِ برطانوي سيڪيورٽي اداري ڊپارٽمينٽ فار سيڪيورٽي طرفان جديد اسڪيننگ مشينون فراهم ڪيون پيون وڃن.
سي اي اي ذريعن موجب جديد مشينون ڪراچي ۽ لاهور ايئرپورٽن تي سيڪيورٽي کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ ڏنيون پيون وڃن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسڪيننگ مشينون مسافرن ۽ سامان سان گڏ نقصانڪار شين ۽ بارودي مواد کي جاچڻ جي صلاحيت رکن ٿيون، مشينون برطانوي ڊپارٽمينٽ فار سيڪيورٽي طرفان سول ايوي ايشن اٿارٽي کي تحفي ۾ ڏنيون وينديون.
ذريعن موجب مشينري لڳائڻ جو مقصد برطانيا مان ايندڙ مسافرن ۽ انهن جي سامان جي جديد طريقي سان چيڪنگ ڪرڻ آهي.
سول ايوي ايشن ذريعن جو چوڻ آهي ته اها ٽيڪنالاجي اڳتي ٻين ايئرپورٽن تي به فراهم ڪئي ويندي.