وڪيلن جسٽس مظاهر نقوي خلاف ڪارروائي لاءِ سپريم جوڊيشل ڪونسل سان رابطو ڪري ورتو

اسلام آباد: مسلم ليگ(ن) جي لائرز فورم جسٽس مظاهر نقوي خلاف آرٽيڪل 209 جي تحت ڪارروائي جي لاءِ سپريم جوڊيشل ڪونسل سان رابطو ڪري ورتو.
رپورٽ موجب مسلم ليگ(ن) جي لائرز فورم جسٽس مظاهر نقوي خلاف سپريم جوڊيشل ڪونسل ۾ شڪايت داخل ڪري ڇڏي آهي. وڪيلن طرفان جسٽس مظاهر نقوي خلاف آڊيو ليڪ جي آڌار تي شڪايت داخل ڪئي وئي.
وڪيلن درخواست ۾ اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي سان گڏ جسٽس مظاهر نقوي جي مبينه ڳالهين جو ٽرانسڪرپٽ به شامل ڪيو آهي ۽ درخواست ڪئي آهي ته جسٽس مظاهر نقوي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي جنهن تي سندس خلاف آرٽيڪل 209 جي تحت ڪارروائي ڪئي وڃي.