ڊالر سُپر اُڏام کان پوءِ وري 12 رپيا سستو ٿي ويو

 امريڪي ڊالر جي ملهه ۾ ريڪارڊ ٽوڙ اضافي کانپوءِ تيزيءَ سان گهٽتائي اچڻ لڳي آهي، اڄ انٽربينڪ ۾ ڊالر 12 روپيا 31 پئسا سستو ٿي ويو، ملهه ۾ لاٿ کانپوءِ ڊالر هاڻي 272 روپيا 78 پئسن جي سطح تي اچي ويو

گذريل ڏينهن ڊالر 18 روپيا 98 پئسن جي واڌ سان 285 روپين ۽ 9 پئسن تي بند ٿيو هو

 ماهرن جو چوڻ آهي ته ڊالر جي ملهه ۾ لاٿ گذريل ڏينهن وياج جي شرح ۾ اضافي سبب ٿي آهي،  وياج جي شرح وڌائڻ سان سيڙپڪارن ۽ مارڪيٽ کي اهو پيغام ويو ته حڪومت آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ وڃڻ لاءِ سنجيده آهي

 گذريل ڏينهن ڊالر جي ملهه ۾ 18 روپين 98 پئسن جو ريڪارڊ اضافو ٿيو هو، گذريل ڏينهن ڪاروبار بند ٿيڻ تي ڊالر 285 روپين ۽ 9 پئسن جو ٿي ويو هو