پنجاب ۽ ڪي پي ۾ اليڪشن: پاڻمرادو نوٽيس تي جسٽس مندو خيل جا خدشا، سرڪار، اليڪشن ۽ سياسي جماعتن کي نوٽيس جاري

سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ ۾ شامل جج جسٽس جمال مندوخيل چونڊن بابت پاڻمرادي نوٽيس تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 9 رڪني لارجر بينچ پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي شروع ڪئي

چيف جسٽس چيو ته ڏسڻو آهي ته صوبائي اسيمبليون ٽٽڻ کانپوءِ چونڊن جي تاريخ ڏيڻ ڪنهن جو اختيار آهي، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته منهنجا پاڻمرادي نوٽيس بابت ڪجهه خدشا آهن، هي پاڻمرادو نوٽيس نه ٿو ٺهي، اسان جي آڏو ٻن اسيمبليز جي اسپيڪرز جون درخواستون آهن

جسٽس جمال مندو خيل چيو ته هي پاڻمرادو نوٽيس جسٽس اعجاز الحسن ۽ جسٽس مظاهر نقوي جي نوٽ تي ورتو ويو، ڪجهه آڊيوز سامهون آيون آهن، ڪجهه ججز جي باري ۾ ڳالهيون ڪيون پيون وڃن

چيف جسٽس چيو ته جسٽس جمال مندوخيل جا خدشا نوٽ ڪيا ويا آهن، آئين جي ڀڃڪڙي برداشت نه ڪنداسين، چاهيون ٿا ته وقت تي چونڊون ٿين، سپريم ڪورٽ کي رڳو آئيني نقطو ڏسڻو آهي ۽ ان تي عمل ڪرائڻو آهي، اسان رڳو آئين جي تشريح ۽ آئين جي عملداري لاءِ ويٺا آهيون

 جسٽس اطهر من الله چيو ته صوبائي اسيمبليون ٽٽڻ جو به پاڻمرادو نوٽيس ورتو وڃي، چيف جسٽس چيو ته آرٽيڪل 224 چوي ٿو ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون ٿينديون، وقت تيزيءَ سان گذري رهيو آهي

عدالت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي سڀاڻي صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، صدر، حڪومت، اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن

Election in Punjab and KP: Concerns of Justice Mandukhel about automatic noticenotice issued to government