بارکان واقعو: بلوچستان جي وزير عبدالرحمان کيتران پٽ مٿان سازش جو الزام لڳائي ڇڏيو

ڪوئيٽا: بلوچستان جي مواصلات واري وزير عبدالرحمان کيتران بارکان واقعي تي الزامن کي رد ڪندي پنهنجي پٽ انعام کيتران تي سازش جو الزام لڳائي ڇڏيو آهي

عبدالرحمان کيتران 3 ماڻهن جي قتل ۽ نجي جيل جي الزام کي رد ڪندي چيو آهي ته نجي جيل ۽ 3 ماڻهن جي قتل جو الزام هُن جي ساک کي نقصان پهچائڻ جي سازش آهي

هن چيو ته هن کي علائقائي سياست جي حق کان محروم رکڻ جي لاءِ هي ڪريل حرڪت ڪئي پئي وڃي، ڪجهه ماڻهو علائقي جو امن خراب ڪرڻ جي لاءِ هن خلاف سازش ڪري رهيا آهن

مواصلات واري وزير پنهنجي پٽ انعام شاهه تي سازش جو الزام لڳائيندي چيو ته هن عورت کان بيان رڪارڊ ڪرايو، ڇو ته هو سردار بڻجڻ چاهي ٿو

هن چيو ته جاچ ۾ پيشي جي لاءِ تيار آهيان، پر استعيفيٰ نه ڏيندس، بدنام ڪرڻ جي سازش جي خلاف عدالت ۾ ويندس، منهنجي گهر جي تلاشي ورتي وئي آهي، مان بيگناهه آهيان