سردار عبدالرحمان کيتران جي گهرن تي ڇاپا: منهنجو پيءُ ظالم شخص آهي: انعام کيتران

ڪوئيٽا: بارکان ۾ عورت جي ٻن پٽن سوڌو قتل واري واقعي بعد پوليس جا سردار عبدالرحمان کيتران جي گهرن تي ڇاپا، ٻن پٽن سوڌو قتل ڪيل عورت گراناز جي يرغمال بڻايل هڪ ڌيءَ ۽ وڌيڪ 4 پٽن جي بازيابيءَ لاءِ پوليس ڪوئيٽا ۽ بارکان ۾ سردار جي گهرن تي ڇاپا هنيا هنيا ويا

پوليس جو چوڻ آهي ته ڇاپن دوران کين ڪو به مغوي يا يرغمال بڻايل ماڻهو نه مليو، سردار عبدالرحمان کيتران جي پٽ انعام کيتران سردار عبدالرحمان وٽ مبينا طور باندي بڻيل خاندان جون تصويرون جاري ڪري ڇڏيون

عبدالرحمان کيتران جي پٽ انعام کيتران چيو آهي ته منهنجو پيءُ هڪ ظالم شخص آهي، هن ڪيترن ئي مظلومن کي باندي بڻائڻ کانسواءِ قتل به ڪرايو آهي، کيس فوري گرفتار ڪيو وڃي