چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ نيب چيئرمين جي استعيفيٰ ۾ وڏو پيغام آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي لاءِ نيب چيئرمين جي استعيفيٰ ۾ وڏو پيغام آهي. نيب چيئرمين جي استعيفيٰ فاشسٽ نظام کي ٽوڙڻ طرف هڪ وڏو قدم آهي.
هڪ بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته آفتاب سلطان پنهنجي ڪم ۾ مداخلت جي خلاف استعيفيٰ ڏني نيب چيئرمين جي استعيفيٰ تحريڪ انصاف جي موقف جي واضح توثيق آهي. مان هن 22 آفيسرن کي جن کي پنجاب ۾ مداخلت جي لاءِ لڳايو ويو آهي، چوان ٿو ته هو به پاڻ کي هن نظام کان ڌار ڪري. اهو ملڪ ۽ بيورو ڪريسي ٻنهي جي مفاد ۾ آهي.
فواد چوڌري چيو ته اسان پهرين ڏينهن کان چئي رهيا آهيون ته احتساب جي نظام جي تباهي اين آر او ڏئي آندي وئي. هنن ڏوهارين سازش سان اقتدار ملندي ئي سڀني کان پهريان نيب کي تباهه ڪيو. هنن پنهنجي 11 سئو ارب روپين جي چوري بچائڻ جي لاءِ نيب جي قانون ۾ شرم جوڳيون ترميمون ڪيون.
هن چيو ته لازمي آهي ته رياستي ادارا ڏوهارين جي اشارن تي کيڏڻ جي بجاءِ ۽ آئين ۽ قانون جي بالادستي جي راهه اختيار ڪن. ڪٺ پتلي راڄ انشاءَالله جلد انجام تي پهچندو. رياست ۽ عوام کي اڳيان وڌڻو آهي.

big message of chairman nab resignation to chief election comissioner