پي ٽي آءِ پاران سڀاڻي خيبرپختونخوا اسيمبلي ٽوڙڻ جو فيصلو

پشاور:پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڱاري تي خيبرپختونخوا اسيمبلي ٽوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
ڪي پي جو وڏو وزير محمود خان عمران خان جي حڪم جو انتظار ڪري رهيو هو ۽ اڄ کيس ان حوالي سان هدايت ملي وئي آهي ۽ هو اڱاري تي اسيمبلي ٽوڙڻ واري سمري گورنر ڏانهن اماڻيندو.
وڏو وزير آئين جي آرٽيڪل 112 تحت گورنر کي سمري موڪليندو ، 48 ڪلاڪن اندر گورنر سمري تي صحيح ڪندو، ٻي صورت ۾ اسيمبلي پاڻ مرادو ٽٽي ويندي.