ملڪ ۾ مارڪيٽون ساڍي 8 وڳي بند ڪرڻ واري اعلان تي عمل نه ٿي سگهيو

ڪراچي: وفاقي سرڪار پاران ملڪ ۾ مارڪيٽون ساڍي 8 وڳي بند ڪرڻ واري اعلان تي عمل نه ٿي سگهيو، ڪراچي، لاهور، ڪوئيٽا ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ واپارين پهرين ئي ڏينهن پابندي کي رد ڪري ڇڏيو آهي

اڱاري ڏينهن وڏا ڪاروباري مرڪز ۽ مارڪيٽون رات 8 وڳي کانپوءِ به کليل رهيون، تاجرانِ پاڪستان تنظيم جي صدر چيو آهي ته بدترين معاشي صورتحال ۾ ڪاروبار کي جلد بند ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ ممڪن نه آهي، حڪومت جي ان نمائشي قدمن سان توانائي جي بچت نه ٿي سگهندي

واپارين طرفان زبردستي ڪاروبار بند ڪرائڻ جي صورت ۾ سخت مزاحمت جو چتاءُ پڻ ڏنو ويو آهي، گذريل ڏينهن وفاقي ڪابينا جي منظوري بعد وفاقي وزير خواجا آصف مارڪيٽون 8 وڳي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، خواجا آصف جو چوڻ هو ته حڪومتي فيصلن تي عمل سان 62 ارب رپين جي بچت ٿيندي