اڄ کان ٿڌ ۾ واڌ ٿيندي: موسميات کاتي ڪراچي وارن کي خبردار ڪري ڇڏيو

ڪراچي: موسميات کاتي ڪراچي وارن کي خبردار ڪندي چيو آهي ته ٿڌ وڌيڪ وڌڻ سان گرمي پد 8 کان 10 ڊگري تائين ڪري پوندو

ان سلسلي ۾ چيف ميٽرولاجسٽ ڊاڪٽر سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ اتر کان خشڪ هوائون هلڻ لڳيون آهن، جنهن سان ٿڌ جي شدت ۾ اضافو ٿيو آهي، شهر ۾ ٿڌ وڌڻ سان رستن تي زندگي گذاريندڙن جي مشڪلات ۾ واڌ ٿي وئي آهي

ڊائريڪٽر ميٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته 1991 ڪراچي جو گرمي پد 2.3 سينٽي گريڊ ۽ 21 جنوري 1934 ۾ زيرو رڪارڊ ڪيو ويو هو

ڊي جي ميٽ موجب ڪراچي ۾ اڄ کان ٿڌ ۾ واڌ جو امڪان آهي، جنهن جي ڪري گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 8 کان 10 تائين ڪري سگهي ٿو، موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ ٿڌ جي لهر جنوري ۾ ئي ايندي آهي