پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ ڊرا ٿي وئي

ڪراچي: پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ڪراچي ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ڊرا ٿي وئي.

ڪراچي ٽيسٽ جي آخري ڏينهن پاڪستان ٻي اننگز 8 وڪيٽن جي نقصان تي 311 رنسون ٺاهي ڊڪليئر ڪئي ۽ نيوزيلينڊ کي 138 رنسن جو هدف مليو.

پنجين ڏينهن پاڪستان پنهنجي رهيل اننگز ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 77 رنسن کان شروع ڪئي، امام الحق 96، سرفراز احمد 53، محمد وسيم 43، ڪپتان بابر اعظم 14، آغا سلمان 6، نعمان علي 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.

پاڪستان جو اسڪور 8 وڪيٽن جي نقصان تي 311 ٿيو ته اننگز ڊڪليئر ڪئي وئي، ان موقعي تي سعود شڪيل 55 ۽ مير حمزا 3 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا.

138 رنسن جي جواب ۾ ڪيوي ٽيم طرفان براس ويل ۽ ڪانوي اننگز شروع ڪئي، شروعات ۾ ئي براس ويل 3 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.

پوءِ ڪانوي ۽ ليٿم جارحاڻي راند کيڏي هدف حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر نيوزيلينڊ جو اسڪور اٺين اوور ۾ 61 تي پهتو ته گهٽ روشني سبب ميچ ختم ڪئي وئي.

نيوزيلينڊ جو ليٿم 35 ۽ ڪانوي 18 رنسن سان ڪريز تي موجود رهيا، پاڪستان طرفان واحد وڪيٽ ابرار احمد ورتي، نيوزيلينڊ جي اش سوڌي ميچ ۾ 8 وڪيٽون حاصل ڪيون.

واضح رهي ته پاڪستان ٽيم پهرين اننگز ۾ 438 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي هئي، جڏهن ته نيوزيلينڊ جي ٽيم پهرين اننگز 9 وڪيٽن جي نقصان تي 612 رنسون ٺاهي ڊڪليئر ڪئي هئي.

ٻنهي ٽيمن ۾ سيريز جي ٻي ۽ آخري ٽيسٽ سومر کان ڪراچي ۾ ئي کيڏي ويندي.