ڪي پي ڪي سرڪار گورنر حاجي غلام علي کي گورنر هائوس ۾ بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

ڪراچي : خيبر پختونخواهه جي حڪومت گورنر حاجي غلام علي کي گورنر هائوس ۾ بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي، صوبي جو سرڪاري هيليڪاپٽر استعمال ڪرڻ واري معاملي تي ڪي پي حڪومت ۽ گورنر ۾ تڪرار تيز ٿي ويو

گذريل ڏينهن گورنر پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته وڏي وزير کي گورنر هائوس ۾ هيليڪاپٽر لينڊ ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين

هن چيو هو ته وڏي وزير هيليڪاپٽر کي ذاتي هيليڪاپٽر بڻائي ڇڏيو آهي، وڏو وزير هيليڪاپٽر جي ليڊنگ جو بندوبست به پنهنجي گهر ۾ ڪري

 ڪي پي سرڪار جي خصوصي معاون بيرسٽر سيف گورنر جي اهڙي بيان بعد چيو آهي ته گورنر هائوس کي ٻاهران تالا هڻي گورنر کي اندر بند ڪري ڇڏينداسين