قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس: بلاول ڀٽو ۽ آرمي چيف وزيراعظم هائوس پهچي ويو

اسلام آباد : قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ڪجه دير ۾ شروع ٿيڻ وارو آهي، بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم هائوس پهچي ويو، جڏهن ته آرمي چيف جنرل عاصم منير سميت هٿياربند فوجن جا سربراهه، وفاقي وزير ۽ واڳيل آفيسر به اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پهچي ويا آهن

ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف سان پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداريءَ جي ملاقات ٿي، ملاقات ۾ حنا رباني کر، نويد قمر ۽ ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار به موجود هئا

ملاقات دوران پرڏيهي معاملن سميت ملڪ جي مجموعي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي