اداڪارا تنيشا خودڪشي کان اڳ ڪنهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي؟ نئون انڪشاف سامهون اچي ويو

ڪراچي: بالي ووڊ اداڪارا تنيشا شرما جي خودڪشي جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي کانپوءِ پوليس نئون انڪشاف ڪيو آهي

 ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته اداڪارا تنيشا شرما خودڪشي ڪرڻ کان اڳ جوابدار شيزان خان سان ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي، پوليس وڌيڪ جاچ لاءِ اداڪاره جو 30 ڊسمبر تائين جسماني رمانڊ حاصل ڪري ورتو آهي

تنيشا شرما خودڪشي ڪيس جي جاچ ڪندڙ پوليس آفيسرن ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي کانپوءِ انڪشاف ڪيو آهي ته خودڪشي ڪرڻ کان ڪجهه وقت اڳ تنيشا جي جوابدار شيزان خان سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي جنهن بعد هن خودڪشي ڪئي

پوليس جو چوڻ آهي ته شيزان ۽ تنيشا ۾ ٽڪراءُ 15 ڏينهن اڳ ٿيو هو جنهن کانپوءِ اداڪارا خودڪشي ڪئي هئي، پوليس موجب جوابدار شيزان خان جا هڪ ٻي ڇوڪري سان ڳجها لاڳاپا هئا، تنيشا جي خودڪشي واري ڏينهن به شيزان هڪ کان ڏيڍ ڪلاڪ تائين ڳالهيون ڪندو رهيو

پوليس جو چوڻ آهي ته شيزان معاملي جي جاچ ۾ پوليس سان سهڪار نه ڪري رهيو آهي، پوليس وڌيڪ جاچ لاءِ جوابدار جو 30 ڊسمبر تائين جسماني رمانڊ حاصل ڪري ورتو آهي

پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته تنيشا جي خودڪشي واري ڏينهن جوابدار شيزان ۽ سندس ڳجهي گرل فرينڊ جي وچ ۾ واٽس اپ چيٽ اسڪين ڪئي هئي، جنهن کي جوابدار پنهنجي فون مان ڊيليٽ ڪري ڇڏيو هو

پوليس جو چوڻ آهي ته اسان اهو به ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ڇا جوابدار شيزان جي سندس ڳجهي گرل فرينڊ سان ڳالهه ٻولهه ۽ تنيشا جي خودڪشي ۾ ڪو تعلق آهي، جڏهن ته جاچ به ڪئي پئي وڃي ته جوابدار شيزان خان پنهنجي فون مان صرف ڳجهي گرل فرينڊ جي چيٽ ڇو ڊيليٽ ڪري رهيو هو؟

واضح رهي ته 24 ڊسمبر تي اداڪارا تنيشا شرما فلم ”علي بابا داستان ڪابل“ جي سيٽ تي خودڪشي ڪري ڇڏي هئي ۽ اداڪارا پنهنجي ڪو اسٽار شيزان ايم خان جي ميڪ اپ روم ۾ موجود هئي ۽ هوءَ 24 ڊسمبر تي مئل حالت ۾ ملي هئي

  • T