ڪراچي ۾ رينجرز ۽ پوليس جا مقابلا: 2 جوابدار مارجي ويا: 2 زخمي حالت ۾ گرفتار

ڪراچي: ڪراچي ۾ رينجرز ۽ پوليس جا مقابلا، 2 جوابدار مارجي ويا، 2 زخمي حالت ۾ گرفتار، عوامي ڪالوني پوليس موجب ڪورنگي نمبر 5 ۾ مقابلي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويو، مارجي ويل جوابدار جي فوري سڃاڻپ نه ٿي سگھي، سندس قبضي مان هٿيار ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن. ٻئي طرف رينجرز ۽ پوليس فقيرا ڳوٺ ۾ گلشن آقا خيل هوٽل وٽ اسنيپ چيڪنگ دوران مشڪوڪ جوابدارن کي بيهڻ جو اشارو ڪيو. رينجرز ترجمان موجب جوابدارن پوليس ۽ رينجرز تي فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ جوابدار بلال افغاني مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي بابر کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. رينجر ۽ پوليس موجب جوابدار چاڪر هوٽل وٽ شهري سلطان کان موٽرسائيڪل ڦر ڪئي، مزاحمت تي کيس گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، جوابدار فرار ٿي رهيا هئا ته اڳيان چيڪنگ تي بيٺل رينجرز ۽ پوليس کين بيهڻ جو اشارو ڪيو ته مقابلو ٿي پيو. ترجمان موجب مارجي ويل جوابدار بلال افغاني فقيرا ڳوٺ ۾ ڦر دوران مزاحمت تي سيڪيورٽي گارڊ کي به قتل ڪيو هو،  بلال ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث هو. هوڏانهن  منگھوپير روڊ تي به اسنيپ چيڪنگ دوران رينجرز ۽ پوليس جو جوابدارن سان مقابلو ٿيو. رينجرز ترجمان موجب مقابلي دوران جوابدار فيصل خان عرف مينيجر کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، سندس ساٿي فرار ٿي ويو. گرفتار جوابدار ساٿين سان گڏجي سهراب ڳوٺ ۾ مٺائي جي دڪان تان ڦر ڪئي هئي، انهي دوران سيڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ ۾ جوابدار جو ساٿي ارباز مارجي ويو هو. ترجمان موجب گرفتار جوابدار ايل پي جي دڪان جي مالڪ کان 10 لک به ڦر ڪيا هئا.