مڪاني چونڊون هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان مڪاني چونڊون هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪري ڇڏيون آهن

اليڪشن ڪميشن چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي دوران فيصلو ڪيو ته اسلام آباد ۾ 31 ڊسمبر تي رٿيل اليڪشن في الحال ملتوي ڪجي ٿي

اليڪشن ڪميشن موجب چونڊن جي نئين تاريخ ۽ شيڊول جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو

اليڪشن ڪميشن کي مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت پنهنجي ڪارروائي جو تفصيلي فيصلو پڻ جاري ڪرڻو آهي