عورت چمڙي جو سوپ پيئڻ تي گرفتار

بئنڪاڪ : ٿائي لينڊ ۾ هڪ عورت کي ان وقت گرفتارڪيو ويو جڏهن هن ٻوڙ ۾ ڪيترائي مئل چمڙا وجهي پيارو ڀريو چمڙا کائڻ ۽ ٻوڙ پيئڻ جي وڊيو ٺاهي اپ لوڊ ڪري ڇڏي.

فونچانوڪ سريوناڪلوا نالي عورت پنهنجي يوٽيوب چينل تي جن زاب بين نووا جي عنوان سان هڪ وڊيو پوسٽ ڪئي.

وڊيو ۾ هڪ هو مئل چمڙن جو گوشت چٽڻي ۾ ٻوڙي کائي رهي هئي.

عورت واهپيدارن کي ٻڌايو ته هو پهريون ڀيرو چمڙا کائي رهي آهي ۽ هن اهي چمڙا اتر ٿائي لينڊ ۾ لائوس جي سرحد ويجهو هڪ بازار مان خريد ڪيا هئا.

ان کانپوءِ عورت کي گرفتار ڪيو ويو آهي.