پاڪستاني ڄائي آمريڪي عورت وجيهه سواتي جو قتل: اڳوڻي مڙس کي موت جي سزا

راولپنڊي: راولپنڊي جي عدالت پاڪستاني ڄائي آمريڪي عورت وجيهه سواتي کي قتل ڪندڙ مُک جوابدار اڳوڻي مڙس کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
عدالت ڏوهاري کي اغوا جي ڏوهه ۾ 10 سال قيد ۽ ڏنڊ جي به سزا ٻڌائي. مقتوله جي اڳوڻي سهري حريت ۽ ملازم سلطان کي لاش جي بي حرمتي تي 7 سال قيد ۽ هڪ لک روپيه جرماني جي سزا ٻڌائي وئي. جوابدار رشيد ۽ زاهده کي ثبوت نه هجڻ جي بنياد تي بري ڪيو ويو.
وجيهه سواتي قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ وقت آمريڪي سفارتخاني جا 4 سينئر اهلڪار ۽ ايف بي آءِ ٽيم به عدالت ۾ موجود هئي. آمريڪي ايف بي آءِ آفيسر فيصلي کي بهترين فيصلو قرار ڏنو.
جوابدار رضوان حبيب پنهنجي اڳوڻي گهر واري وجيهه سواتي کي اربين روپين جي ماليت جي ملڪيت جو جهيڙو ختم ڪرڻ جي بهاني پاڪستان گهرائي قتل ڪري ڇڏيو هو.

Wajiha swati killer convicted