ڪراچي جي گلبرگ بلاڪ 12 ۾ پوليس مقابلو، 3 مبينا ڦورو مارجي ويا

ڪراچي : ڪراچي جي گلبرگ بلاڪ 12 ۾ پوليس مقابلو، 3 مبينا ڦورو مارجي ويا، سڃاڻپ نه ٿي سگهي

ان سلسلي ۾ پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته ڦورو هڪ گهر ۾ داخل ٿي ڦر جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، پاڙيوارن جي اطلاع تي موقعي تي پهتاسين ته جوابدارن سڌي فائرنگ ڪئي

پوليس موجب جوابدارن جي فائرنگ بعد جوابي فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، ڄاڻايل جوابدارن 7 نومبر تي گلشن اقبال واري علائقي مان به ڦر ڪئي هئي، جنهن جا سي سي ٽي فوٽيجز سامهون آيا آهن

Police encounter in Gulbarg Block 12 of Karachi