پي ايس ايل جي اٺين سيزن کان اڳ سرفراز احمد سميت ڪيئي رانديگرن کي جهٽڪو

لاهور؛ پاڪستان سپر ليگ 2023ع لاءِ اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد سميت ڪيئي رانديگرن ڪيٽيگريز ۾ ڦيرڦار ڪئي وئي آهي.

پاڪستان سپر ليگ جي ايندڙ ايڊيشن لاءِ رانديگرن جي ڪيٽيگريز ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد سيميت ڪيئي رانديگرين جي ڪيٽيگري ۾ تبديلي آئي آهي.

ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ڪپتان سرفراز احمد کي پلاٽينيم مان گولڊ، حسن علي کي پلاٽينم مان ڊائمنڊ ڪيٽيگري ۾ وڌو ويو آهي.

آل رائونڊر فهيم اشرف ڊائمنڊ مان گولڊ جڏهن ته وهاب رياض پلاٽينم مان ڊائمنڊ ڪيٽيگري ۾ هليو ويو آهي.

پاڪستان سپر ليگ جي اٺين سيزن جون ميچون نوَ فيبروري کان 19 هين مارچ 2023ع تائين کيڏيون وينديون.

Ahead of the 8th season of PSL