پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جمعي تي لانگ مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو

 پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جمعي تي لانگ مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران عمران خان چيو ته لانگ مارچ جمعي تي صبح جو 11 وڳي شروع ٿيندو

مارچ جا قافلا لبرٽي چوڪ لاهور کان نڪرندا، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي بعد احتجاج ختم ڪرڻ جو نه چوان ها ته رتوڇاڻ ٿئي ها، ملڪ کي ڏڦيڙ کان بچائڻ لاءِ ڪارڪنن جو احتجاج ختم ڪرايو

مونکي غير ذميوار قرار ڏيندي چيو ويو ته ڏُکئي وقت ۾ لانگ مارچ ڪري رهيو آهيان، آئون سياست نه، پر چورن کان آزادي جي جنگ وڙهي رهيو آهيان

عمران خان ارشد شريف جي قتل کي ٽارگيٽ ڪلنگ قرار ڏيندي چيو ته ڪير ڪجهه به چئـَي، مون کي خبر آهي ته ارشد شريف جي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪئي وئي، ارشد کي اڻڄاتل نمبرز تان ڌمڪيون ملنديون هيون، مونکي خبر هئي ته کيس قتل ڪيو پيو وڃي، مون ارشد کي چيو ته پرڏيهه هليو وڃي، ارشد شريف جي قتل کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ظلم ٿي سگهي ٿو